ضمير مرزا زرقي

ضمير مرزا زرقي: ناميارو آرڪيٽيڪٽ ضمير مرزا زرقي پهرين جون 1925ع تي دهلي (انڊيا) ۾ جنم ورتو. 1929ع ۾ سندس والد ملازمت جي سلسلي ۾ حيدرآباد (دکن) لڏي ويو هو. ضمير مرزا شروعاتي تعليم حاصل ڪرڻ بعد علي ڳڙهه مان ميٽرڪ پاس ڪري بمبئي ۽ مدراس مان مصوريءَ ۾ ڊپلوما ۽ آرڪيٽيڪچر جو شارٽ ڪورس حيدرآباد (دکن) مان ڪيائين. آرڪيٽيڪٽ جو ڪورس ڪرڻ کان پوءِ پاڪستان لڏي آيو ۽ ڪراچيءَ ۾ رهائش اختيار ڪيائين. 1957ع ۾ تعميراتي اداري ’مرز رينڊل اينڊ وتان‘ سان منسلڪ ٿيو. بعد ۾ هن اداري کان ڌار ٿي ذاتي حيثيت سان پنهنجي ڪم جو آغاز ڪيو. هن ڪراچي کان سواءِ ملڪ جي ٻين شهرن ۾ تمام خوبصورت ۽ يادگار عمارتن جا نقشا ڊيزائن ڪيا، جن ۾ سوڪ سينٽر ڪراچي، عوامي مرڪز ڪراچي، حسين ڊي سلوا ٽائون، مڊ ايسٽ ميڊيڪل سينٽر، ڪيپري سينما ڪراچي، نيرنگ سينما ۽ ڪيٿولڪ چرچ شامل آهن. ضمير مرزا کي مسجدن جا ڊيزائن ٺاهڻ ۾ تمام گهڻي دلچسپي هئي. هن ڪراچيءَ ۾ سڀ کان وڌيڪ مسجدن جا نمونا ٺاهيا. جن ۾ ڪراچي يونيورسٽيءَ جي مرڪزي مسجد، جامع مسجد قدوس ناظم آباد، پاڪستان نيوي سروسز (PNS) بهادر آباد واري مسجد کان سواءِ قيوم سوڪ سينٽر واري مسجد شامل آهي. هن انهن سڀني مسجدن جا نقشا بنا معاوضي ٺاهيا هئا. ريڊيو ڪراچيءَ جي عمارت کان سواءِ نيشنل بئنڪ آف عمان جي عمارت جي نقشي جو ڊيزائن به ضمير مرزا زرقي جو ٺاهيل آهي.
هن 19 ڊسمبر 1995ع تي وفات ڪئي. کيس ڪراچيءَ ۾ سوسائٽي قبرستان ۾ دفنايو ويو.


لفظ ضمير مرزا زرقيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1925.06.01  عيسوي

ضمير مرزا زرقي پهرين جون 1925ع تي دهلي (انڊيا) ۾ جنم ورتو.


1995.12.19  عيسوي

ضمير مرزا زرقي 19 ڊسمبر 1995ع تي وفات ڪئي. کيس ڪراچيءَ ۾ سوسائٽي قبرستان ۾ دفنايو ويو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

اعجاز سمون
حسن بانگو ڀاڻوٺي
سيد صادق علي شاهه
رحمت الله شوق شڪارپوري
اليعقوبي
سليم الزمان صديقي
شهناز انصاري
حُسين بخش عرف مُڪنو خان
ڀٽو محمد اسماعيل
راشد منهاس
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون